

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز بڪتربند گاڏي ۾ عدالت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي احتساب عدالت جي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
لاهور جي احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ جڊيشل آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز جو وارنٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي پر هن بڪتربند گاڏي ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، کيس آڻڻ لاءِ بڪتربند گاڏي جيل ۾ بيٺي آهي پر هو ٻاهر نه پيو اچي.
عدالت حمزا شهباز جي ذاتي حيثيت ۾ عدم پيشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ نوٽيس وٺندي جيل اختيارين کان لکت ۾ جواب گهري ورتو.
ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز کي جيل اٿارٽي 8 لڳي 25 منٽن تي جڊيشل اختيارين حوالي ڪيو، جوابدار تڪبربند گاڏي ڏسي عدالت ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيل سپرنٽينڊنٽ جي جواب تي فاضل جج امجد نذير ريمارڪس ڏنا ته هاڻ اها جوابدارن جي مرضي ٿي وئي ته اهي عدالت ۾ پيش ٿيندا يا نه، جوابدار جي پسند هوندي ته اهي ڪهڙي گاڏي ۾ ايندو، سوين جوابدار عدالتن ۾ پيش ٿيندا آهن، ڇا اهي به پسند جي گاڏي جي ڊمانڊ ڪندا آهن، جيل اختياريون ڪٿي آهن، انهن جي ذميواري ناهي، اها رياست جي ناڪامي آهي ته جوابدار سامهون بي وس آهي.
عدالت جيل اختيارين کان لکت ۾ جواب تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت حمزا شهباز جي وارنٽ تي ايندڙ تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
The post حمزا شهباز جو بڪتربند گاڏي ۾ عدالت وڃڻ کان انڪار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment