پاڪستان اندر ماءُ جي ٿڃ پيارڻ واري رجحان ۾ واڌ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

پاڪستان اندر ماءُ جي ٿڃ پيارڻ واري رجحان ۾ واڌ


ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي ڪيل قومي غذائي سروي مان خبر پئي آهي ته ملڪ ۾ 2011ع جي ڀيٽ ۾ هاڻ بريسٽ فيڊنگ (ماءُ جي ڀڃ پيارڻ) جي رجحان ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ مائرون ٻارن کي پيدائش جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ئي ٿڃ پيارڻ شروع ڪنديون آهن.

برطانوي حڪومت جي مالي سهڪار ۽ ٻارن بابت گڏيل قومن (يو اين) جي ذيلي اداري يونيسيف جي ٽيڪنيڪي سهڪار سان مڪمل ڪيل قومي غذائي سروي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن، وفاقي علائقن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بريسٽ فيڊنگ جي رجحان جو جائزو ورتو ويو.

سروي کي صحت واري قومي اداري جي نگراني ۾ آغا خان يونيورسٽي (اي ڪي يو) مڪمل ڪيو ۽ گڏيل طور تي 1 لک 15 هزار 500 گهراڻن جي سروي ڪئي وئي.

سروي دوران سمورن گهراڻن مان بالغ ماڻهن، تازن ڄاول ٻارن ۽ مرد عورتن جي صحت، خوراڪ ۽ طرز زندگي بابت ڊيٽا حاصل ڪئي وئي.

قومي غذائي سروي مان خبر پئي ته ملڪ ۾ 2011 جي ڀيٽ ۾ 2018ع ۾ بريسٽ فيڊنگ جي رجحان ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 48 سيڪڙو تازي ڄاول ٻارن کي مائرون پنهنجو کير پياري رهيون هيون.

صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ تازن ڄاول ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جو هدف 50 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جون سفارشون ڪيون آهن ۽ ملڪ ۾ تازي بريسٽ فيڊنگ جي رجحان مان خبر پئي آهي ته پاڪستان عالمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.

سروي موجب سڄي پاڪستان ۾ 2001ع ۾ 50 سيڪڙو تازن ڄاول ٻارن کي مائرون پنهنجون کير پيارينديون هيون پر 2011ع ۾ ان رجحان ۾ گهٽتائي ٿي هئي ۽ بريسٽ فيڊنگ جي شرح 37 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي.

پر هاڻ 2011ع کان پوءِ بريسٽ فيڊنگ جي رجحان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي ۽ 2018ع تائين بريسٽ فيڊنگ جو رجحان 48 سيڪڙو تائين وڃي پهتو.

سروي موجب سڄي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري مائرون پيدائش جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ئي ٻارن کي کير پيارڻ شروع ڪنديون آهن.

قومي سروي مان اِها ڳالهه به نڪري ته بريسٽ فيڊنگ جو رجحان ٻهراڙي وارن علائقن جي ابتڙ شهري علائقن ۾ وڌيڪ آهي.

ٻهراڙي وارن علائقن ۾ شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ بريسٽ فيڊنگ جو رجحان ڏيڍ سيڪڙو تائين گهٽ آهي ۽ ان جا سبب مختلف ٿي سگهن ٿا.

سروي موجب ٻارڙي جي پيدائش جي هڪ ڪلاڪ بعد بريسٽ فيڊنگ جو سب کان وڌيڪ رجحان ملڪ جي پٺتي پيل صوبي بلوچستان ۾ آهي، جتي اِها شرح 60 سيڪڙو آهي، ٻئي نمبر تي اسلام آباد جڏهن ته سنڌ صوبو 48 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهي.

گڏيل طور تي ٻارڙي جي پيدائش کان 6 مهينن تائين سڀ کان وڌيڪ بريسٽ فيڊنگ صوبي خيبرپختونخواهه (ڪي پي) ۾ ٿيندي آهي، جتي اِها شرح 60 سيڪڙو آهي، 6 مهينن تائين بريسٽ فيڊنگ جي حوالي سان گلگت بلتستان ٻئين، پنجاب ٽئين، سنڌ چوٿين ۽ بلوچستان پنجين نمبر تي آهي.

The post پاڪستان اندر ماءُ جي ٿڃ پيارڻ واري رجحان ۾ واڌ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages