جيري جي صفائي ڪندڙ خوراڪ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, October 9, 2020

جيري جي صفائي ڪندڙ خوراڪ


جيرو انساني جسم جي انهن حصن مان هڪ آهي جنهن کي عام طور تي ان وقت تائين سنجيده ناهي ورتو ويندو جيستائين اهو مسئلن جو سبب نه بڻجڻ لڳي ۽ ڪجهه ماڻهن لاءِ گھڻي دير ٿي ويندي آهي.

جيري کي جسم جي سار سنڀال ڪندڙ به چيو ويندو آهي ڇو اهو هر وقت جسم جي صفائي ۾ رڌل هوندو آهي، نه رڳو اهو پر پروٽين ۽ فيٽ کي استعمال ڪري توانائي پيدا ڪرڻ، هاضمي جي نظام کي ضروري سهڪار فراهم ڪرڻ، رت ۾ موجود هاڃيڪار جراثيمن کي مارڻ لاءِ ڪيميڪل ري ايڪشن ڪرڻ ۽ رت کي زهريلي مادن کان پاڪ ڪرڻ به جيري جو ڪم آهي.

جيري کي صحت مند ۽ صاف سٿرو رکڻ انساني صحت لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان لاءِ لازمي آهي ته متوازن ۽ صحتمند خوراڪ جو استعمال ڪيو وڃي.

جيري لاءِ فائديمند خوراڪ:

صوف:

صوف جي استعمال سان جسم ۾ ڪولسٽرول ليول درست رهندي آهي، جنهن سان جيري کي وڏي مدد ملندي اهي، ان کان سواءِ اهو ميلڪ ايسڊ سان به ڀرپور هوندو آهي جيڪو رت ۽ جيري کي صاف ڪندو آهي. صوف ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون هونديون آهن جيڪي جيري جي صحت لاءِ ضروري آهن.

داليون:

داليون به جيري لاءِ فائديمند آهن، انهن ۾ ٻوٽي مان حاصل ٿيندڙ پروٽين موجود هوندا اهن، جيري جي مرض ۾ ضرورت کان وڌيڪ پروٽين به نقصانڪار ٿي سگھي ٿو، داليون جسم کي پروٽين پهچائينديون آهن جيتري جسم کي ضرورت هوندي آهي.

ليمو:

ليمو جيري لاءِ بهتري غذا آهي، اهو قدرتي طور تي جيري جي ڪلينزنگ ڪندو آهي، ان مان جسم کي وٽامن حاصل ٿيندي آهي جيڪا جيري کي ضروري انزائيمر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي ۽ جسم کي توانائي حاصل ٿيندي آهي.

جيري جي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن کي اڪثر لوڻ جي جاءِ تي ليمو استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.

جيري کي صحت مند رکندڙ ٻين غذائن ۾ کارڪ، ٿوم، گرين ٽي، چقندر، انجير، ميوا، مڇي، زيتون، آلوبخارا، پڪل عذائن ۾ پکين جي گوشت جي يخني، ٻاڪري گوشت جي يخني، ڪارن ڇولن جو پاڻي ڪدو شامل آهن.

The post جيري جي صفائي ڪندڙ خوراڪ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages