

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته شادي هالز ۾ تقريبن جو وقت رڳو 2 ڪلاڪ هوندو.
تفصيل موجب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) شادي هالز لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي تحت شادي هالز ۾ تقريبن جو وقت رڳو 2 ڪلاڪ ۽ ٽائيم رات 10 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڏنڊن سان گڏ هالز کي سيل ڪيو ويندو.
حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ان ڊور تقريبن لاءِ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته آئوٽ ڊور تقريبن ۾ 500 ڄڻا شرڪت ڪري سگهندا.
اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڏن اجتماعن تي پابندي آهي، ڇو ته عوامي اجتماع ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جو سبب بڻجن پيا.
عوامي ماڳ نه رٿيا وڃن:
ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ اين سي او سي عوامي ماڳن جي حوالي سان نئين گائيڊ لائنز جاري ڪندي چيو ته وڏا عوامي اجتماع خطرن سان ڀرپور سرگرميون آهن جيڪي ڪورونا وائرس ۾ واڌ جو سبب بڻجن پيون ۽ بيمارين جي پکڙجڻ ۾ واڌ جا امڪان آهن، انهن کان هر ممڪن پاسو ڪيو وڃي.
The post شادي هالز بابت نوان فيصلا، اهم هدايتون جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment