سمارٽ فون استعمال ڪندڙن لاءِ ڪروم ۾ بهترين فيچر متعارف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, October 9, 2020

سمارٽ فون استعمال ڪندڙن لاءِ ڪروم ۾ بهترين فيچر متعارف


ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته سڄي دنيا ۾ هر سال لکين نه پر ڪروڙين آن لائين اڪائونٽ هيڪ ٿي ويندا آهن ۽ ان جو سبب ناقص پاس ورڊ جي چونڊ هوندو آهي.

حقيقت ۾ 2011ع کان هر سال هڪ پاس ورڊ 123456 کي سڀ کان بدترين پاس ورڊ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهو پاس ورڊ ماڻهن جو پسنديدهه پاس ورڊ به آهي.

ان کان پوءِ ٻين نمبر تي جيڪو لفظ وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي اهو پاڻ پاسپورڊ آهي جيڪو ڪيترن ئي ورهين کين پنهنجي پوزيشن تي قابض آهي جڏهن ته ٽين نمبر تي اڪثر 123456789 آهي.

جيتوڻيڪ ڪمزور پاسورڊ سبب هيڪ اڪائونٽن جو مسئلو گھڻو وڌي چڪو آهي ته هاڻ گوگل ان لاءِ هڪ نئون ٽول ڪروم واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو آهي.

اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون ۾ هاڻ گوگل ڪروم برائوزر واهپيدارن کي پاس ورد هيڪ ٿيڻ بابت ٻڌائيندو.

اهو فيچر پهريان ڪمپيوٽر ۾ دستياب هو پر هاڻ ان کي سمارٽ فونز لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فيچر ۾ يوزر نيم ۽ پاس ورڊز گوگل سروسز تي موڪلي چيڪ ڪيو ويندو ته اهو ڪنهن ڊيٽا هيڪنگ ۾ هيڪرن جي هٿ ته ناهي لڳو.

گوگل پاڻ واهپيدارن جي يوزر نيم يا پاس ورڊ کي نه ڏسندو پر ۽  رڳو اهو چيڪ ڪري سگهندو ته پاسورڊ هيڪرن جي هٿ لڳل تفصيل جهڙو ته نه آهي.

گوگل پاس ورڊ چيڪ کي سمارٽ فونز لاءِ 6 آڪٽوبر تي ڪروم 86 سان گڏ متعارف ڪرايو ويو ۽ اهو ان وقت ڪم ڪندو جڏهن واهپيدار پنهنجو پاس ورڊ ڪروم اسٽور ڪيو هجي.

The post سمارٽ فون استعمال ڪندڙن لاءِ ڪروم ۾ بهترين فيچر متعارف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages