آواز جي رفتار کان به تيز جهاز متعارف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, October 9, 2020

آواز جي رفتار کان به تيز جهاز متعارف


بوم سپر سانڪ دنيا جي تيز ترين مسافر جهاز کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پهرين اڳڀرائي ڪندي پنهنجو پروٽوٽائيپ جهاز ايڪس بي 1 پيش ڪري ڇڏيو.

7 آڪٽوبر تي هڪ ايوينٽ ۾ ان پروٽوٽائيپ جهاز کي متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ ڪو به مسافر نه هو رڳو جهاز جي ٽيڪنالوجيز جي نمائش ڪئي وئي.

ڪمپني جي سي اي او بليڪ شڪول ٻڌايو ته اسان سپرسونگ مستقبل ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڄ اسان هوائي سفر جي نئين دور لاءِ گڏ ٿيا آهيون.

ايڪس بي 1 ۾ 3 اليڪٽرڪ انجڻ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي 12 هزار پونڊ ٿرسٽ فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته ڊگھو نڪ لينڊنگ دوران ڪاڪ پٽ کان رن وي جو منظر لڪائي ٿو، پر ڪيمرا ان جي کوٽ پوري ڪري ٿي.

بليڪ شڪول ٻڌايو ته ان جهاز کي سپرسونڪ ڪارڪردگي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.

ڪمپني جو اصل مقصد ڪمرشل سپر سونڪ اڏامن کي بحال ڪرڻ آهي .

اهو جهاز آواز جي رفتار کان ٻه ڀيرا تيزي سان اڏي سگھندو جنهن سان لنڊن ۽ نيويارڪ وچ ۾ مفاصلو رڳو 3 ڪلاڪ 15 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو، جيڪو عام اڏامن ۾ 14 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي.

سولن لفظن ۾ لاهور کان ڪراچي رڳو اڌ ڪلاڪ کان به اڳ ۾ پهچي سگھبو.

 

The post آواز جي رفتار کان به تيز جهاز متعارف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages