شهباز شريف ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 2, 2020

شهباز شريف ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

لاهور جي احتساب عدالت جي جج جواد الحسن شهباز شريف فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، کين الڳ الڳ بڪتربند گاڏين ۾ پهچايو ويو.

ٻڌڻي دوران نيب مني لانڊرنگ ريفرنس جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت جوابدارن کي سلطاني شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪيون.

ان دوران شهباز شريف ٻڌايو ته مان چيلهه ۾ تڪليف سبب بڪتربند گاڏي ۾ سمهي آيو آهيان، مان بڪتربند گاڏي ۾ آڻڻ جي دانهن نٿو ڪيان پر اها ظلم جي انتها آهي، عدالت کي گذارش آهي ته مون کي فزيو ٿراپسٽ ڏنو وڃي.

شهباز شريف فيملي جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف جي ميڊيڪل هسٽري آهي، کيس چيلهه ۾ تڪليف آهي پر سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، حمزا شهباز به بيمار آهي، اهي ٻئي فاضل جج جا مهمان آهن.

پوءِ احتساب عدالت جي جج جواد الحسن شهباز شريف جي گهرواري بيگم نصرت شهباز جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سندس درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ بيگم نصرت کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت شهباز شريف خاندان خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر ڪندي اپوزيشن ليڊر ۽ حمزا شهباز جي جڊيشل رمانڊ ۾ 11 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

The post شهباز شريف ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages