ن، م ۽ ش ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي نياپو ملي ويو ته اسان گڏ آهيون: مريم نواز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 2, 2020

ن، م ۽ ش ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي نياپو ملي ويو ته اسان گڏ آهيون: مريم نواز


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ش،ن ۽ م ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي نياپو ملي ويو آهي ته اسان گڏ آهيون.

احتساب عدالت ۾ شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي مريم نواز به عدالت پهتي.

مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عدالت پهتي، جتي مريم اورنگزيب ۽ احسن اقبال سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

ن ليگ نائب صدر جي پهچڻ تي پارٽي ڪارڪنن جو وڏو انگ به عدالت ٻاهران گڏ ٿي ويو ۽ نعريبازي ڪئي.

نيب اختيارين اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي احتساب عدالت جي جج ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪري ڇڏيو، جنهن دوران مريم نواز عدالتي ڪمري ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

مريم نواز پنهنجي سئوٽ حمزا شهباز کي ڀاڪر به پاتو ۽ کيس بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آڻڻ جي مذمت ڪئي.

ان موقعي تي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته انهن کي جيتري دهشتگردي جمهوري قيادت سان آهي ٻئي ڪنهن سان ناهي، حڪومت جيڪو معيار سيٽ ڪري رهي آهي ان کي ڀوڳڻو پوندو.

هن چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي ۽ گلگت بلتستان ۾ به ن ليگ چونڊون کٽيندي، ش ليگ، ن ليگ ۽ م ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي نياپو ملي ويو آهي ته اسان گڏ آهيون، گهٽ ظرف وارا ماڻهو 30 سالن کان اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هي خاندان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مُنهن تي هٿ گهمائي چوڻ نه ڇڏيندس انتقام جي نشاني آهي، هاڻ ڏسندس، هي ٿيندو، هو ٿيندو چوڻ مان به انتقام نظر اچي رهيو آهي.

The post ن، م ۽ ش ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي نياپو ملي ويو ته اسان گڏ آهيون: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages