

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز اوچتو 16 نومبر کان ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ (ڊي ايس) ريلوي موجب 16 نومبر تي پپري کان اورنگي ٽائون تائين 60 ڪلو ميٽر جي سفر جي شروعات ٿيندي ۽ ٽريڪ لاءِ 4 ٽرينون رکيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽرينون 3-3 ڪلاڪ وقفي سان اپ ۽ ڊائون ٽريڪن تي هلنديون، صبح 7 وڳي اورنگي ٽائون اسٽيشن کان پهرين ٽرين رواني ٿيندي، ان کانپوءِ صبح 10 وڳي ٻي ٽرين رواني ويندي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اڄ ئي ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪيو آهي.
عدالت عظميٰ چيف سيڪرٽري سنڌ ۽ ريلويز سيڪريٽري کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي سبب طلب ڪري ورتا آهن.
The post پاڪستان ريلوي جو ڪراچي سرڪلر ريلوي 16 نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment