

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قتل ڪيس ۾ 80 ورهين جي شخص کي گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ قتل جي 80 ورهين جي جوابدار جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جوابدار تي گذريل سال دڪاندار نويد چاند کي پٽن سان گڏجي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار جاچ ۾ شامل ٿي رهيو آهي ۽ سينيئر سٽيزن آهي، تنهن ڪري ان جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.
جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ايف آءِ آر موجب ته جوابدار غلام رسول مقتول کي رڳو للڪاريو هو، جنهن تي فريادي جي وڪيل چيو ته جوابدار للڪاريو هو ۽ پنهنجي پٽن کي چيو هو ته قتل ڪيو، جوابدار جا پٽ اڃا تائين مفرور آهن، جوابدار جا پٽ قتل جي ٻين ڪيسن ۾ به گهربل آهن.
عدالت رڪارڊ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کي پوليس عدالتي احاطي مان ئي گرفتار ڪري ورتو
The post قتل ڪيس: گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ٿيڻ تي 80 ورهين جو جوابدار عدالت مان گرفتار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment