جماعت الدعوه جي 3 اڳواڻن کي وڌيڪ 2 ڪيسن ۾ سزائون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 5, 2020

جماعت الدعوه جي 3 اڳواڻن کي وڌيڪ 2 ڪيسن ۾ سزائون


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪالعدم جماعت الدعوه جي 3 اڳواڻن کي وڌيڪ 2 ڪيسن ۾ سزائون ڏئي ڇڏيون.

عدالت طرفان پروفيسر ظفر اقبال، محمد اشرف کي 16-16 سال قيد، جڏهن ته پروفيسر حافظ عبدالرحمان مڪي کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 جي جج اعجاز احمد بٽر سامهون سي ٽي ڊي طرفان داخل ڪيس نمبر 19/89 ۽ 19/90 جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۽ آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.

واضح رهي ته ڪالعدم جماعت الدعوه جي اڳواڻن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

ان کان اڳ جماعت الدعوه جي امير پروفيسر حافظ محمد سعيد سميت حافظ عبدالسلام بن محمد، پروفيسر حافظ عبدالرحمان مڪي، پروفيسر ظفر اقبال، يحيٰ مجاهد، لقمان شاهه ۽ حافظ مسعود الرحمان کي مختلف ڪيسن ۾ سزائون ٻڌايون ويون آهن.

ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ جوابدارن تي دهشتگردن جي مالي مدد جو الزام آهي.

The post جماعت الدعوه جي 3 اڳواڻن کي وڌيڪ 2 ڪيسن ۾ سزائون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages