چانهه جا اهي فائدا، جن کان توهان اڻڄاڻ آهيو..! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 5, 2020

demo-image

چانهه جا اهي فائدا، جن کان توهان اڻڄاڻ آهيو..!

tea
tea

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي ماهرن ڦودني، ادرڪ ۽ ليمي سان ٺيهل چانهه کي معدي جي صحت لاءِ بهترين قرار ڏئي ڇڏيو.

ماهرن موجب ڦودني، ادرڪ ۽ ليمي سان ٺهيل چانهه معدي جي صحت لاءِ بهترين سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن مختلف قسمن جي چانهين جو استعمال اوهان کي معدي سميت صحت جي جي ڪترن ئي مسئلن کان ڇٽڪارو ڏياري سگهي ٿو.

 

ڦودني جي چانهه:

Phodino-300x172

ڦودني ۾ اينٽي بيڪٽيريل يعني جراثيم خلاف مزاحمت ڪندڙ خاصيتون آهن ۽ اهو مختلف انفيڪشن ۾ آرام به پهچائيندو آهي. ڦودني جي چانهه معدي جي ڪيترن ئي مسئلن کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ کان علاوا دٻاءُ ۽ ذهني بي چيني ختم ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي.

 

ليمي جي چانهه:

lemon-300x172

ليمي جي چانهن به معدي سميت ڪيترن ئي مسئلن کان بچائي سگهي ٿي، ليمن ۾ موجود سڙڪ ايسڊ نظام هاضمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

 

ادرڪ جي چانهه:

adrak-300x172

ادرڪ جي چانهه به غذائيت سان مالامال سمجهي ويندي آهي، ادرڪ جي چانهه جو استعمال ڪرڻ معدي لاءِ بي حد فائديمند آهي جڏهن ته اها ذهني دٻاءُ سميت ٻين مسئلن کان ڇٽڪاري لاءِ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي.

The post چانهه جا اهي فائدا، جن کان توهان اڻڄاڻ آهيو..! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages