ايل جي ڊبليو  سيريز جا 3 نوان گھٽ قيمت سمارٽ فونز متعارف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

ايل جي ڊبليو  سيريز جا 3 نوان گھٽ قيمت سمارٽ فونز متعارف

LG
LG

ايل جي پنهنجي ڊبليو سيريز جا 3 نوان گھٽ قيمت سمارٽ فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا.

ايل جي ڊٻليو 11، ڊبليو 31 ۽ ڊبليو 31 پلس  گذرعل سال جي ڊبليو 10، ڊبليو 30 جي جاءِ وٺندا.

ٽنهي نون فونز ۾ گھڻو ڪجهه هڪ جهڙو آهي جهڙوڪ سڀني ۾ 6.52 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي.

اهڙي طرح ٽنهي ۾ هيليو پي 22 پراسيسر ۽ 4000 ايم اي ايڇ بيٽريون موجود آهن.

ٽنهي فونز جي ايل سي ڊي ڊسپلي ۾ ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ڏني وئي آهي ۽ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

ٽنهي فونز ۾ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن، جن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگھجي ٿي.

اهڙيءَ طرح اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم ان جو حصو آهي.

ٽنهي ۾ نمايان فرق بيڪ ڪيمرا سسٽم آهي.

ڊبليو 11 ۾ بيڪ تي 13 ميگا پڪسل مين ڪيمرا 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر سان گڏ ڏني وئي آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ ڊبليو 31 ۽ 31 پلس ۾ 13 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.

ٻنهي فونز ۾ بيڪ تي فنگر پرنٽ اسڪينر به موجود آهي جڏهن ته ٽنهي فونز ۾ هيڊ فون جيڪ کي برقرار رکيو ويو آهي.

LG-02

اهي فونز سڀ کان اڳ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا پيا وڃن.

ايل جي ڊبليو 11 جي قيمت 128 ڊالر (20 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي جيڪا  3جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج سان ليس هوندو.

ان جي ڀيٽ ۾ ڊبليو 31 ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 جي اسٽوريج هوندي جنهن جي قيمت 148 ڊالر (23 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

ڊبليو 31 پلس جي قيمت 162 ڊالر (25 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) هوندي.

The post ايل جي ڊبليو  سيريز جا 3 نوان گھٽ قيمت سمارٽ فونز متعارف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages