ساون مرچن جا جادوئي فائدا، سنگين بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ خوشخبري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

ساون مرچن جا جادوئي فائدا، سنگين بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ خوشخبري

green-chilli
green-chilli

ڄي دنيا ۾ ساوا مرچ هڪ عام ۽ سستي شيءِ سمجها ويندا آهن پر اوهان ان جا جادوئي فائدا ڄاڻي حيران ٿي ويندئو .

ساوا مرچ هارٽ اٽيڪ، فالج، دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرض کان نه رڳو انسانن کي بچائين ٿا پر انهن بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ موت جي خطري کي به گھٽائين ٿا، ساون مرچن جي عادي ماڻهن ۾ هارٽ اٽيڪ، فالج يا ڪينسر سبب موت جو خطرو  ساون مرچن کان پري رهندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ نمايان حد تائين گھٽ ٿئي ٿو.

هڪ تحقيقي رسرچ دوران 5 وڏن ميڊيڪل ڊيٽا بيسز جي 4500 کان وڌيڪ تحقيق رپورٽن جي اسڪريننگ ڪئي وئي.

ان تحقيق ۾ جن رپورٽن جو مشاهدو ڪيو ويو انهن ۾ 4 وڏي پيمانن تي ٿيل تحقيقي رپورٽون به شامل هيون جيڪي چين، اٽلي، ايران ۽ آمريڪا ۾ 5 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل هيون، ڄاڻايل ماڻهن تي مرچن جي اثرن جي ڀيٽ مرچ نه کائيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کائيندڙن سان ڪئي وئي.

سڀني رپورٽن تي تجزيي مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو ساون مرچن جي استعمال جا عادي هئا انهن ۾ هارٽ اٽيڪ، فالج يا دل جي رڳن جي مرضن سبب موت جو خطرو 26 سيڪڙو تائين گھٽ هيو ۽ ڪيسنر ۾ مبتلا مريضن ۾ موت جو خطرو 23 سيڪڙو جڏهن ته ڪنهن به مرض سبب موت جو امڪان 25 سيڪڙو تائين گھٽ هو.

محققن جو چوڻ آهي ته مرچن جي حوالي سان اهي نتيجا نوان آهن پر ان جي عملي طور تي امڪانن بابت اڃا ڪجهه چوڻ اڳڪٿي هوندي، ٺوس اندازي سان ته اهو چوڻ ممڪن نه آهي ته ماڻهن کي چيو وڃي ته هو وڌيڪ ساوا مرچ کائڻ شروع ڪن.

The post ساون مرچن جا جادوئي فائدا، سنگين بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ خوشخبري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages