پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ، زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, November 7, 2020

پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ، زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪپتان بابر اعظم جي شاندار اننگز عيوض پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي سولائيءَ سان 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

راولپنڊي ۾ زمبابوي جي ٽيم طرفان مليل 157 رنسن جو هدف پاڪستان 18.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون.

مهمان ٽيم طرفان ويسلي مڌيويري 70 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ وهاب رياض 2-2 شڪار ڪيا.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم ڪپتان بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان گهربل ٽارگيٽ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 19هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.

بابر اعظم 82 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته محمد حفيظ 32 ۽ فخر زمان 19 رنسون ٺاهيون.

قومي ڪپتان بابر اعظم کي ميچ وننگ اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ 8، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 10 نومبر تي کيڏي ويندي.

ان کان اڳ پاڪستان ون ڊي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

The post پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ، زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages