

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ لاهور جي جنرل سيڪريٽري خواجا عمران نذير کي گرفتار ڪيو ويو.
ن ليگ اڳواڻ خواجا عمران نذير پارٽي نائب صدر مريم نواز جي نيب آفيس پهچڻ تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ نامزد آهي ۽ ڪيس ۾ ضمانت نه ڪرائڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس پي ماڊل ٽائون دوست محمد موجب سيف سٽي اٿارٽي جي ڪال تي خواجا عمران جي گاڏي کي روڪيو ويو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته خواجا عمران کي سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان لنڪ روڊ تان گرفتار ڪيو ويو.
گرفتاري کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا عمران جو چوڻ هو ته پوليس کي نيب آفيس ٻاهران ڇڪتاڻ دوران منهنجي گاڏي جي فوٽيج مليا آهن، مون سان انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پر ڊڄڻ وارو ناهيان.
هوڏانهن سي ٽي او لاهور حماد عابد جو چوڻ هو ته گاڏي نيب طرفان چوهنگ ٿاڻي جي ڪيس ۾ گهربل هئي، ان گاڏي کي مريم نواز جي پيشي تي نيب حملي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو.
سي ٽي او موجب گاڏي کي فيصل ٽائون ٿاڻي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
The post ن ليگ اڳواڻ خواجا عمران نذير گرفتار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment