پاڪستان سوڌو 7 ملڪن تي ٻڌل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن قائم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

پاڪستان سوڌو 7 ملڪن تي ٻڌل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن قائم


پاڪستان ۽ سعودي عرب سوڌو 7 ملڪن تي ٻڌل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪئي وئي آهي.

وفاقي ڪابينا سعودي عرب جي تجويز تي ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ 7 ملڪن تي ٻڌل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪئي وئي آهي.

ان آرگنائيزيشن تحت خطي ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن بابت اهم فيصلا 7 ملڪ ڪندا جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي، هيلٿ سسٽم ۽ تعليم جي نظام کي به ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو.

ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، بحرين، گڏيل عرب امارتون ۽ مصر سوڌو 7 ملڪ شامل هوندا جڏهن ته ڀارت کي 7 ملڪن جي ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن منصوبي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جو هيڊ ڪوارٽر سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هوندو جڏهن ته ميمبر ملڪن جي آءِ ٽي وزيرن جو پهريون اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزير سيد امين الحق ڪندو.

The post پاڪستان سوڌو 7 ملڪن تي ٻڌل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن قائم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages