گوگل فوٽوز جي مفت اسٽوريج جلد ختم ڪرڻ جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

گوگل فوٽوز جي مفت اسٽوريج جلد ختم ڪرڻ جو اعلان


پهرين جون 2021ع کان گوگل فوٽوز طرفان فوٽوز لاءِ مفت اڪائونٽس جي اسٽوريج پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جيڪا اوهان کي بلڪل پسند نه ايندي.

هن وقت تائين گوگل فوٽوز تي اپ لوڊ ٿيندڙ ڊيٽا جي اسٽوريج مفت آهي پر ايندڙ سال واهپيدارن کي وڌيڪ ڊيٽا لاءِ گوگل ون کي سبسڪرائيب ڪرڻو پوندو.

هن وقت گوگل اڪائونٽ سان گڏ 15 جي بي آن لائين اسٽوريج جي ميل، ڊرائيو وغيره لاءِ فراهم ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ اي ميلز ۽ فائلز اسٽور ٿيندا آهن.

پر پهرين جون 2021ع کان ڊاڪس، شيٽس، سلائيڊز سان گڏوگڏ گوگل فوٽوز تي اپ لوڊ ٿيندڙ تصويرون ۽ وڊيوز به ان اسٽوريج جو حصو بڻجي وينديون.

۽ اهو واهپيدارن لاءِ وڏو ڌچڪو آهي.

The post گوگل فوٽوز جي مفت اسٽوريج جلد ختم ڪرڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages