پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا فوت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا فوت


 

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اهو حادثو ڀٽيان روڊ تي پيش آيو، جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب وين اوور ٽيڪ ڪندي ٽرالر سان ٽڪرجي پئي.

اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.

ٻڌايو ويو آهي ته مسافر وين سيالڪوٽ کان سرگوڌي وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي.

The post پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا فوت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages