ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

demo-image

ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

lng
lng

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ 16 نومبر تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جتي شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بئريسٽر ظفر الله موقف اختيار ڪيو ته نيب موجب هاڻ به منصوبي سان قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي، هڪ ڏوهه جيڪڏهن جاري آهي ته ان تي ڪيئن ٿو فرد جرم لاڳو ٿي سگهي؟

عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، اڳوڻي ايم ڊي پاڪستان اسٽيٽ آئل شيخ عمران الحق، اڳوڻي چيئرپرسن آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي عظميٰ عادل، شاهد خاقان عباسي جي پٽ عبدالله خاقان، سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اڳوڻي ايم ڊي محمد امين سميت ٻين جوابدارن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 16 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ موجود جوابدارن تي ويڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته عدالت ٻن پرڏيهي جوابدارن شنا صادق ۽ فلپ ناٽمن جو ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو.

The post ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages