”فوج ۽ ادارن وٽ ن ليگ جي سياست تي ليڪو نڪري چڪو آهي“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

”فوج ۽ ادارن وٽ ن ليگ جي سياست تي ليڪو نڪري چڪو آهي“


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فوج ۽ ادارن وٽ ن ليگ جي سياست تي ليڪو نڪري چڪو آهي، نواز شريف جي موقف جي قيمت ن ليگ کي ادا ڪرڻي پوندي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي انٽرويو تي ردعمل ۾ چيو ته اڳ ۾ چوندا ها فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪري، وري ان کي فوج کي چون ٿا ته حڪومت کي هٽايو ۽ اسان کي ڪرسي تي ويهاريو.

هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي مان اندران به آواز اٿندا، نواز شريف جي موقف جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، مريم نواز پنهنجي موقف تي ”پول والٽ“ جي ٽپو ڏنو آهي، ڪيترائي ڀيرا جنرلز جو سڌي ريت نالو وٺڻ کانپوءِ هاڻ ڳالهين جو چوڻ مُنهن ڀر ڪِرڻ جي برابر آهي.

The post ”فوج ۽ ادارن وٽ ن ليگ جي سياست تي ليڪو نڪري چڪو آهي“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages