

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جهانگير ترين ۽ شريف فيملي جي شگر ملز خلاف قائم جي آءِ ٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جهانگير ترين ۽ شريف فيملي جي شگر ملز جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.
عدالت جهانگير ترين ۽ شريف فيملي جي شگر ملز خلاف ايف آءِ اي انڪوائري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ۽ ايس اي سي پي جا نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ايف آءِ اي کي انڪوائري جو اختيار حاصل آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته انڪوائري ڪهڙن قانونن ۽ ڪهڙين حالتن تحت ڪري سگهجي ٿي، ايس اي سي پي پنهنجو ڪردار قانون موجب ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
عدالت چيو ته ايف آءِ اي جي اختيار جي حوالي سان تفصيلي فيصلي ۾ وضاحت ڪئي ويندي.
واضح رهي ته جهانگير ترين ۽ شريف فيملي جي شگز ملز ايف آءِ اي انڪوائري کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو ۽ درخواست گذارن جو موقف هو ته ايف آءِ اي کي اهڙن معاملن ۾ انڪوائري جو اختيار حاصل ناهي.
The post جهانگير ترين ۽ شريف فيملي جي شگر ملز خلاف قائم جي آءِ ٽي ڪالعدم قرار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment