

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب لنڪا پريميئر ليگ ٽيون ڀيرو ملتوي ڪئي وئي آهي.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايونٽ 21 نومبر کان ٿيڻو هو پر هاڻ ان کي وڌيڪ 6 ڏينهن پوئتي ڪيو ويو آهي.
بورڊ جو چوڻ آهي ته هاڻ ليگ خالي اسٽيڊيم ۾ 27 نومبر کان شروع ٿيندي ۽ 17 ڊسمبر تي ان جو فائنل ٿيندو، جڏهن ته وينيوز کي به محدود ڪيو ويو آهي ۽ سموريون ميچون هاڻ همبنٽوٽا ۾ ٿينديون.
واضح رهي ته لنڪا پريميئر ليگ هلندڙ سال آگسٽ ۾ ٿيڻي هئي پر ڪورونا وائرس سبب ان کي 14 ۽ پوءِ 21 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو هو.
The post ڪورونا وائرس سبب لنڪا پريميئر ليگ ٽيون ڀيرو ملتوي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment