

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ جا رستا الڳ آهن.
بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته هڪٻئي کي گِهليندڙ اڄ وري پري ٿي رهيا آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ن ليگ سان گڏ هلي سگهي ٿو، 31 ڊسمبر کانپوءِ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون.
هن چيو ته تقريرن سان حڪومت ناهي ڪِرندي، سياستدان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه جو رستو بند ناهي ڪندو، ڊائلاگ جو رستو بند ڪرڻ سان غير امڪاني نتيجا ايندا آهن.
The post پ پ ۽ ن ليگ جا رستا ڌار آهن: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment