عوام جو اعتماد قائم آهي، گلگت بلتستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 9, 2020

عوام جو اعتماد قائم آهي، گلگت بلتستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين: وزيراعظم


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سوات ۽ حافظ آباد جي جلسن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ معاشي صورتحال سميت حڪومت جي ميڊيا بابت حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم اقتصادي ٽيم کي معاشي ڪاميابيون ميڊيا تي اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته معاشي انگ اکر هاڪاري آهن، ٻن سالن جي محنت معيشت کي پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي، معاشي پاليسين جا فائدا ايندڙ عرصي ۾ عوام تائين منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويندا، معاشي ٽيم عوام کي ٻڌائي ته ڪيئن گذريل حڪومتن معيشت کي نقصان پهچايو.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، مهانگائي تي حڪومت خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، انهن جي ماڻهن جي غلط پاليسين جو نتيجو اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي، عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي، گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ ڪلين سوئيپ ڪندي.

The post عوام جو اعتماد قائم آهي، گلگت بلتستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪنداسين: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages