

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي مريم نواز بابت بيان تي خدشا ٿي سگهن ٿا پر آئيڊيالاجي تي ان سان گڏ آهيان.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته علي امين گنڊاپور جو ڀاءُ وانگر احترام ڪيان ٿي ۽ گلگت بلتستان ۾ هو چونڊ مهم کي ليڊ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته چونڊ مهم دوران مريم نواز اسان جي قيادت خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي ۽ قومي ادارن تي به حملا پئي ڪري، ڪو به غيرتمند ان موقف کي قبول نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور جي ردعمل ۾ لفظن جي چونڊ مناسب نه هئي پر مريم بي بي پنهنجي ادائن تي غور ڪري ته علي امين گنڊاپور کي اهڙو ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه هئي.
The post علي امين گنڊاپور جي بدزباني باوجود فردوس عاشق اعواڻ سندس حمايت ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment