

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ماهرا خان نيشنل ايميچر شارٽ فل فيسٽيول (اي اي ايس ايف ايف) کي شوبز انڊسٽري لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏئي ڇڏيو.
ماهران خان ساٿي فنڪارن سان گڏ هڪ گروپ فوٽو شيئر ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي نوجوان فنڪار آهن جيڪي هدايتڪاري، اداڪاري ۽ ڪجهه لکڻ جي حوالي سان انقلاب آڻڻ چاهين ٿا.
هن لکيو ته مون کي گھڻي خوشي ٿي آهي ته آئون پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ ان قدم جو حصو بڻجي رهي آهيان.
اداڪارا چيو ته نيشنل ايميچر شارٽ فلم فيسٽيول (اين اي ايس ايف ايف) فلم سازي جي دنيا نالو ٺاهيندڙ نوجوانن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي.
سندس چوڻ هو ته نوجوان کي ڄاڻايل پليٽ فارم روايتي طريقين کان هٽي ڪري صلاحيتن کي ڳولڻ ۽ مڃرائڻ لاءِ اهم قدم آهي.
The post اڄ جا نوجوان شوبز جي دنيا ۾ انقلاب آڻڻ چاهين ٿا: ماهرا خان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment