

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلويز کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي سبب گهري ورتا.
عدالت ريلويز سيڪريٽري ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، گڏوگڏ ڊي جي ايف ڊبليو او کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عدالت چيو آهي ته ريلويز سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌائن ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو ڇو فعال ناهي ٿيو، ڇو نه انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي؟
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاڻ ڳالهه رڳو اتي نه بيهندي، اسان سڀني کي گهرائينداسين ۽ ضرورت پئي ته وزيراعظم کي به گهرائي وٺنداسين، سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب ڪنداسين.
جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڇو فعال ناهي ٿي؟ سرڪلر ريلوي فعال ڪرڻ جي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟
عدالت چيو ته محڪماڻي خط بازي ڪئي وئي پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو ويو، ريلويز سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري عدالت جي توهين ڪئي آهي.
پوءِ عدالت ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
The post ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس: وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي به گهرائينداسين: سپريم ڪورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment