

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نئون چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن پرڏيهي معاملن ۾ مهارت رکي ٿو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جو بائيڊن پرڏيهي پاليسي جي معاملن کي چڱي ريت سمجهي ٿو، نئون چونڊيل آمريڪي صدر والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ افغانستان بابت چئلينجن کان به چڱي طرح واقف آهي.
هن چيو ته افغانستان مان نڪرڻ بابت بائيڊن جي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي پر هو افغان امن امل کي سپورٽ ڪرڻ چاهيندو، افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سياسي حل جي آمريڪي خواهش جو پاڪستان مددگار آهي.
The post جو بائيڊن والاريل ڪشمير جي صورتحال کي چڱي ريت واقف آهي: شاهه محمود قريشي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment