

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جنهن تحريڪ کي آئي ڏينهن نئين ميثاق جي ضرورت پئي، ان جو ڪو مستقبل ناهي.
اپوزيشن اتحاد سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم طرفان نئون ميثاق ٺاهي عوام کي بي وقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.
هن چيو پي ڊي ايم قيادت نٿي ڄاڻي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آهي، اهي ماڻهو اونداهي ۾ تير هلائي رهيا آهن، مولانا صاحب! ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ڪندڙ توهان جي ڀر ۾ ويٺا آهن.
The post اپوزيشن اتحاد کي آئي ڏينهن نئين ميثاق جي ضرورت پئي ٿي: شبلي فراز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment