

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر پرويز رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته عبدالقادر بلوچ طرفان پارٽي ڇڏڻ جو سبب جمهوري نه قبيلائي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي پرويز رشيد لکيو ته قادر بلوچ جو پارٽي سان عليحدگي جو سبب موقف سان اختلاف هجي ها ته هو پارٽي اجلاسن ۾ اتفاق نه ڪري ها ۽ پنهنجا اختلاف به بيان ڪري ها.
قادر بلوچ کی پارٹی سے علیحدگی پارٹی بیانیے سے اختلاف کی وجہ سے ہوتی تو وہ پارٹی اجلاسوں میں اتفاق نہ کرتے اود اپنے اختلاف بھی بیان کرتے، علیحدگی کی وجہ جمہوری نہیں، قبائیلی ہے کہ میرے سردار کو جلسے میں شرکت کی دعوت اور کرسی کیوں نہ ملی
— Pervaiz Rashid (@SenPervaizRd) November 1, 2020
هن چيو ته عليحدگي جو سبب جمهوري نه قبيلائي آهي ته منهنجي سردار کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ۽ ڪرسي ڇو نه ملي.
The post قادر بلوچ ن ليگ ڇڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ پرويز رشيد جي وڏي دعويٰ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment