

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم کي بيروزگارن جو ٽولو قرار ڏئي ڇڏيو.
نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پي ڊي ايم بيروزگارن جو ٽولو آهي، اپوزيشن جي ايجنڊا لٽيل ناڻو بچائڻ ۽ پنهنجي چورين تي پردو وجهڻ آهي.
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي زندگي جو مقصد ئي انهن چورن کي وائکو ڪرڻ آهي، اپوزيشن جماعتون ملڪ جي سلامتي داءَ تي لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪن.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم 18 نومبر تي پاڪ چين اقتصادي راهداري رشڪئي جي پيڙهه جو پٿر رکندو، سي پيڪ جي ان اهم منصوبي سان هزارين ڪارخانا لڳندا.
The post اپوزيشن اتحاد بيروزگارن جو ٽولو آهي: پرويز خٽڪ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment