

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ن ليگ نائب صدر مريم تي ٽيڪس جي پئسن سان سرجري جو الزام هڻي ڇڏيو.
اسڪردو ۾ چونڊ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته آن رڪارڊ چوان ٿو مريم خوبصورت آهي پر ان خوبصورتي تي نواز شريف جي حڪومتن ۾ توهان جا ڪروڙين رپيا لڳي چڪا آهن.
هن الزام هنيو ته مريم نواز پيءُ نواز شريف جي ٻن حڪومتن ۾ ٽيڪس جي پئسن سان پاڻ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جو سرجريون ڪرايون.
وفاقي وزير چيو ته مريم جي اها خوبصورتي به توهان جي ڏنل آهي ۽ اهو توهان جو مال آهي.
The post علي امين گنڊاپور جا مريم نواز تي ذاتي حملا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment