اسلام آباد ۾ پرڏيهي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ تي پوليس جو ايڪشن - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, November 7, 2020

اسلام آباد ۾ پرڏيهي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ تي پوليس جو ايڪشن


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پرڏيهي نارين کي هراسان ڪرڻ جي معاملي تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي.

ڪوهسار ٿاڻي جي علائقي سنياڙي جهنگ ۾ پرڏيهي نارين کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو ڊي آءِ جي آپريشنز نوٽيس ورتو آهي.

ڊي آءِ جي آپريشنز ايس پي سٽي کي جوابدارن جي بنا دير گرفتاري جون هدايتون ڏيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڪردارن ۽ سهولتڪارن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.

واضح رهي ته 3 پرڏيهي ناريون سنياڙي جهنگ ويون هيون ۽ رستو ڀُلجي ويون، جتي ٽن ڄڻن انهن کي هراسان ڪيو ۽ مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس ٽنهي ڇوڪرين کي هٿ ڪري جهنگ مان حفاظت سان ڪڍي ورتو، جڏهن ته پوليس ٽيمون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪري رهيون آهن.

ٽنهي پرڏيهي ڇوڪرين جو واسطو اٽلي، ترڪي ۽ ناروي سان ٻڌايو پيو وڃي.

The post اسلام آباد ۾ پرڏيهي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ تي پوليس جو ايڪشن appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages