

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي يورپي يونين ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڪشميرين کي ڀارتي ظلم مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
سرڪاري خابرو اداري موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جي پنجين اجلاس سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا موجود آهن جڏهن ته ٻنهي جي وچ ۾ مختلف گڏيل دلچسپي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جو تسلسل آهي.
ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گذريل سال طئي ٿيل ”اسٽرٽيجڪ انگيجمنٽ پلان“ تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
اجلاس دوران ڪورونا وارئس جي صورتحال ۽ ان وبا جي نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڌرين عالمي وبا جي پکڙجڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي.
The post عالمي برادري ڪشمير معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري: شاهه محمود قريشي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment