

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان پوءِ پاڪستان جي معيشت دنيا جي ٻين معيشتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متحرڪ آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اسان جي معيشت پيرن تي بيهي رهي آهي، ڪورونا کان پوءِ دنيا جي ٻين معيشتن جي ڀيٽ ۾ اسان جي معيشت وڌيڪ متحرڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ معاشي سرگرميون به ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ اڏاوت سڀ کان وڌيڪ متحرڪ آهي، ان کان سواءِ سيمنٽ، سريي وغيره جي وڪري ۾ به واڌ ٿي آهي.
هن چيو ته اهڙي ريت معيشت جي ٻين رخن ۾ به بهتري آئي آهي، اوسر به مثبت آهي ۽ برآمد وڌي آهي، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ به تيزي آئي آهي ايستائين جو نوان آرڊر وٺڻ جي به گنجائش ناهي.
شبلي فراز چيو ته وزير اعظم چاهي پيو ته انهن سرگرمين کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ بجلي جي اگهن ۾ ڇوٽ ڏني وڃي، ننڍن صنعتڪارن ۽ ٻئي ڪاروبار کي واڌو بجلي تي پهرين نومبر کان 25 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي، اهڙي طرح ”پيڪ آور“ ۽ ”آف پيڪ آرو“ جي ٽيرف کي هڪ ڪيو ويو آحي.
سياسي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر ان وقت پي ڊي ايم جي نالي کان متحرڪ آهي ۽ هڪ اهڙو نظريو کڻي هلي رهي آهي جيڪو هن ملڪ جي ادارن ۽ رياست جي مقام کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان پوزيشن تي اِهو واضح ٿي ويو ته هنن وٽ ڪو به پتو ناهي، آخري پتو ايف اي ٽي ايف تي کيڏيو جنهن ۾ ناڪام ٿيا ۽ انهن کي خبر آهي ته دٻاءُ وجهڻ لاءِ هنن وٽ هاڻ ڪو به پتو ناهي رهيو.
سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي ماضي ۾ ڪارڪردگي سان ملڪ کي نقصان رسيو ۽ اسان جا بهترين دماغ پرڏيهه هليا ويا ۽ اُتي خدمتون انجام ڏيندا رهي ، اهڙي طرح ملڪ ۾ ميرٽ جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته اياز صادق چئي رهيو آهي ته پوسٽ لڳي ويا آهن پر پوسٽر اسان ناهن لڳايا.
هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت سال جي شروع ۾ ڪووڊ 19 بابت قدمن تي ڪنفيوزن ڦهلائي.
The post اسان جي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي: شبلي فراز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment