

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چانهه جي مقبوليت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ اها دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پسند ڪئي ويندي آهي.
مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ چانهه پيئڻ جي عادت جي فائدن جو ذڪر به ٿيندو رهيو آهي پر اها سڀني کي خبر هوندي ته ڪنهن به شئي جو گهڻو استعمال خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي، ائين ئي چانهه جو گهڻو استعمال به صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري توهان لاءِ ان کي ضرورت موجب پيئڻ ئي بهتر رهندو.
گهڻي چانهه پيئڻ جا نقصان:
ذهني بي چيني
ڪيفين کي مزاج تي اثرانداز ٿيندڙ مقبول ڊرگ به مڃيو ويندو آهي، جيڪا هاڪاري سان گڏ جسم تي ناڪاري اثر به وجهي سگهي ٿي، گهڻي چانهه ننڊ ۾ گهٽتائي، ذهني بي چيني ۽ دل جو ڌَڙڪو وڌائڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿي.
ننڊ جا مسئلا
چانهه ۾ موجود ڪيفين پيشاب گهڻو اچڻ جو سبب به بڻجي ٿي، خاص طور جڏهن گهڻي پِيتِي وڃي، اهڙي ريت اها ننڊ خراب ڪرڻ ۽ ٻين مسئلن جو خطرو به پيدا ڪري ٿي.
قبض
چانهه ۾ موجود هڪ ڪيميڪل Theophylline غذا جي هاضمي جي عمل دوران ڊي هائيڊريشن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪو قبض جو مسئلو پيدا ڪري ٿو، هونئن ته چانهه قبض کان بچاءَ لاءِ فائمديمند به تصور ڪئي ويندي آهي پر گهڻي مقدار ۾ قبض جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.
مثاني جي ڪينسر جو خطرو
حد کان وڌيڪ چانهه پيئڻ جو سڀ کان وڏو نقصان مثاني ۾ ڪينسر جو خطرو پيدا ٿيڻ آهي، هڪ تحقيق موجب جيڪي مرد گهڻي چانهه پيئن ٿا، انهن جي مثاني ۾ ڪينسر جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو هوندو آهي.
رت جي شريانن جا مسئلا
چانهه ۾ موجود ڪيفين رت جي شريانن جي نظام لاءِ به ڪا سٺي شئي ناهي، ان کي گهڻي مقدار ۾ زندگي جو حصو بڻائڻ دل جي مرضن جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
The post چانهه ضرور پيئو پر گهڻي نه…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment