

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته آل رائونڊر شاداب خان زمبابوي خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شرڪت نه ڪندو.
پي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم جو چوڻ آهي ته نائب ڪپتان جي انجري ۾ بهتري اچي رهي آهي پر کيس وڌيڪ آرام جي صلاح ڏني وئي آهي.
بي سي بي جي بيان موجب سيريز جي ايندڙ ٻنهي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ شاداب خان جي شرڪت جو فيصلو پوءِ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته 23 آڪٽوبر تي پريڪٽس ميچ دوران شاداب خان کي ڄنگهه ۾ تڪليف ٿي هئي، جنهن سبب هو ون ڊي سيريز پڻ نه کيڏي سگهيو.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 7 نومبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
ان کان اڳ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز پاڪستان 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
The post شاداب خان زمبابوي خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ به نه کيڏي سگهندو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment