

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) مائرن ۽ ٻارن ۾ ذاتي کوٽ جي خاتمي لاءِ 350 ارب رپين جي لاڳت سان گڏيل منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ مائرن ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ 350 ارب رپين جي لاڳت سان 5 سالن جو گڏيل منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ اڌ رقم وفاق فراهم ڪندو.
پڌرائي موجب وفاقي حڪومت ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي روڪٿام لاءِ 175 ارب رپيا فراهم ڪندو، ان منصوبي ذريعي ڏيڍ ڪروڙ عورتن ۽ 39 لک ٻارن جي غذائي کوٽ ختم ٿيندي.
نئين ۽ موجوده هيلٿ ورڪرز جي صلاحيت وڌائڻ، ريسرچ جون سهولتون ۽ مانيٽرنگ وفاقي حڪومت جي ذميواري هوندي، صوبا ليڊي هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز، انتظامي معاملا سنڀاليندا ۽ ڊيٽا فراهم ڪندا.
بجلي، گئس ۽ ٻئي ٻارڻ جي اگهن جي معاملي تي ايندڙ سال جنوري ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪرڻ جو فصيلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته توانائي مسئلن جا سڄي ملڪ تي اثر هوندا آهن، ان معاملي تي صوبن ۾ اتفاق هجڻ گهرجي ته جيئن عوام کي فائدو ٿئي.
The post مائرن ۽ ٻارن ۾ غذاتي کوٽ جي خاتمي لاءِ وڏو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment