ايف آءِ اي انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ جوابدارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

ايف آءِ اي انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ جوابدارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ جوابدارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ جوابدارن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ هزار 210 انتهائي گهربل دهشتگردن جا تفصيل شامل آهن.

انتهائي گهربل جوابدارن مان 737 جو واسطو خيبر پختونخواهه، 161 جو بلوچستان، 122 جو پنجاب، 100 جو سنڌ، 30 جو گلگت بلتستان ۽ 32 جو اسلام آباد سان آهي.

ايف آءِ اي جي انتهائي گهربل جوابدارن جي فهرست ۾ ن ليگ لنڊن جو اڳواڻ ناصر محمود بٽ، چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين ۽ اڳواڻ محمد انور، يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جي اغوا ۾ ملوث جوابدار ۽ ممبئي حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن سميت پرويز مشرف، شوڪت عزيز ۽ شجاع خانزادي تي آپگهاتي حملن جا جوابدار به شامل آهن.

The post ايف آءِ اي انتهائي گهربل دهشتگردن ۽ جوابدارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages