بجلي واهپيدارن تي اربين رپين جو واڌو بار وجهڻ جون تياريون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

بجلي واهپيدارن تي اربين رپين جو واڌو بار وجهڻ جون تياريون


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي واهپيدارن تي وڌيڪ 82 ارب 69 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.

ان حوالي سان نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي ورهاست ڪندڙن ڪمپنين طرفان درخواست وصول ٿي وئي آهي.

نيپرا کي ڏنل درخواست ۾ بجلي واهپيدارن تي 82 ارب 69 ڪروڙ رپين جو واڌو بار وجهڻ جو چيو ويو آهي.

نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي اختيارين موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين اها درخواست گذريل مالي سال جي آخري ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڏني آهي.

درخواست ذريعي ڪمپنين نيپرا کان اپريل کان جون 2020 تائين جي ايڊجسٽمينٽ گهري آهي.

نيپرا اختيارين موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ڪيپيسٽي پرچيز پرائس جي مد ۾ 81 ارب 10 ڪروڙ رپيا گهريا آهن، ڪمپنين آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 56 ڪروڙ 70 لک رپيا ۽ يوز آف سسٽم چارجز جي مد ۾ 2 ارب 27 ڪروڙ رپيا گهريا آهن.

نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين طرفان اربين رپين جو واڌو بار بجلي واهپيدارن تي منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 24 نومبر تي ٿيندي.

The post بجلي واهپيدارن تي اربين رپين جو واڌو بار وجهڻ جون تياريون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages