سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي حليمه سلطان سان ڀيٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي حليمه سلطان سان ڀيٽ


 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا واهيپدار ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي ڀيٽ ترڪي جي مشهور ڊرامي ارطغرل غازي جي هيروئن حليمه سلطان ”اسرا بلگيچ“ سان ڪرڻ لڳا.

مريم نواز گلگت بلتستان ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران اربع ڏينهن جيڪو لباس پاتو، ان ۾ هوءَ ارطغرل غازي جي حليمه سلطان جهڙي نظر آئي.

ن ليگ نائب صدر چونڊ جلسي دوران گلگت بلتستان جي روايتي لباس ۾ نظر آئي، هن اڄ آسماني رنگ جو لباس پاتو، کيس اسڪارف ۽ مٿي تي قبيلائي علائقي جي روايتي ٽوپي به پاتل هئي.

مريم نواز جون اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ واهپيدار ان جي ڀيٽ حليمه سلطان سان ڪري رهيا آهن.

The post سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي حليمه سلطان سان ڀيٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages