

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين کي صحت جي ڀيٽ ۾ ڪپڙن ۽ جوتن جي وڌيڪ ڳڻتي هوندي آهي، اهڙو انڪشاف ڳڻپ واري اداري جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري طرفان گذريل 18 سالن جي انگن اکرن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي شرح گذريل 18 سالن دوران گهٽ ٿي آهي.
انگن اکرن موجب سال 2002-2001 دوران اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي شرح 32 سيڪڙو هئي ۽ هاڻ 2019-2018 ۾ اها شرح 30 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
هوڏانهن پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح وڌي وئي آهي ۽ گذريل 18 سالن دوران خواندگي جي شرح 45 سيڪڙو مان وڌي 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪندڙن جي شرح 27 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ گهر ۾ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ ٽيب رکندڙ جي شرح 14 سيڪڙو آهي، جڏهن ته موبائل ۽ سمارٽ فون رکندڙن جي شرح 45 سيڪڙو آهي ۽ 34 سيڪڙو گهرن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت موجود آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهراڻي جي سراسري ماهوار آمدني 41 هزار 545 رپيا آهي، جڏهن ته سراسري خرچ 37 هزار 159 رپيا آهن.
پاڪستاني پنهنجي آمدني جو 36.1 سيڪڙو کاڌي پيتي جي شين تي خرچ ڪن ٿا، جڏهن ته 23.8 سيڪڙو آمدني گهر جي مسواڙ، بجلي، گئس سميت فيول تي خرچ ٿئي ٿي.
رپورٽ موجب پاڪستاني ڪپڙن ۽ جوتن تي آمدني جو 7.5 سيڪڙو، جڏهن ته صحت تي 3.2 سيڪڙو خرچ ڪن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ عورت جي ٻارن جو سراسري انگ 3.7 آهي، جڏهن ته ٻارن جي موت جي شرح هڪ هزار مان 60 آهي.
ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 18 سيڪڙو آبادي نلڪي جو پاڻي استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته 80 سيڪڙو گهراڻن کي فلش ٽوائليٽ ۽ 8 سيڪڙو کي فلش کانسواءِ ٽوائليٽ جون سهولتون آهن، 12 سيڪڙو گهراڻن کي ٽوائليٽ جي سهولت ئي ناهي.
رپورٽ موجب پاڪستان جي 91 سيڪڙو گهراڻن کي بجلي جي سهولت فراهم آهي، جڏهن ته 20 سيڪڙو گهرن مان ميونسپلٽي گند ڪچرو کڻندي آهي.
The post پاڪستاني صحت بدران ڪپڙن ۽ جوتن کي ترجيح ڏين ٿا: رپورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment