دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کپجندڙ سمارٽ فونز ڪهڙيون آهن؟ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کپجندڙ سمارٽ فونز ڪهڙيون آهن؟


 

اڄڪلهه جتي جديد ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ زور وٺندي پئي وڃي، اتي ئي نت نيون موبائل فونز  متعارف ڪرائڻ جو رجحان به تيز ٿيندو پيو وڃي ۽ هر ڪنهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو اهڙي بهتر کان بهتر سمارٽ فون خريد ڪري، جنهن جا فيچر سڀني کان سٺا هجن.

سام سنگ ۽ هواوي دنيا جا سڀ کان وڏيون ٻه سمارٽ فونز جون ڪمپنيون آهن، يعني انهن جون ڊوائيسز سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿينديون آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪهڙي آهي؟

ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ ٿوڙو ڏکيو آهي ته هن سال جولاءِ کان سيپٽمبر تائين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز سام سنگ يا هواوئي جون ناهن.

سمارٽ فونز مارڪيٽ جا انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني ڪينالز طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هلندڙ سان جي ٽن مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ کپندڙ فون ايپل جون ٻه آءِ فون آهن.

حقيقت ۾ اهو پهريون ڀيرو ناهي پر مسلسل 4 ٽن مهينن يا هڪ سال کان آءِ فون 11 دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کپندڙ سمارٽ فون آهي.

سڀ کان وڌيڪ کپندڙ 10 فونز مان 5 سام سنگ ۽ ٽي شيائومي جون آهن پر انهن مان ڪنهن به فون جي وڪرو ٿيڻ جو انگ ايپل جي آءِ فون 11 جي ويجهو ناهي ۽ آءِ فون 11 کي پسند ڪندڙن جو انگ تمام وڌيڪ آهي.

جولاءِ کان سيپٽيمبر تائين ايپل هڪ ڪروڙ 60 لک آءِ فون 11 کپايا، جنهن کانپوءِ آءِ فون ايس اي (2020) آهي. جنهن جا هڪ ڪروڙ يونٽ وڪرو ٿيا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آءِ فون ايس اي هن وقت آءِ فون جو سڀ کان سستو فون آهي پر پوءِ به هلندڙ سال آءِ فون 11 ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيو.

ان ٽن مهينن جي عرصي دوران ايپ جي مجموعي فونز جي وڪري ۾ آءِ فون 11 جو حصو 40 سيڪڙو ويجهو هيو، جڏهن ته آءِ فون ايس اي جو حصو 28 سيڪڙو رهيو.

ان فهرست ۾ ٽئين نمبر تي سام سنگ جو گليڪسي اي 21 ايس، چوٿين تي گليڪسي اي 11 ۽ گليڪسي اي 51 پنجين نمبر تي رهيو.

ڇنهين نمبر تي شيائومي جو ريڊمي نوٽ 9/10 ايڪس رهيو، جنهن کانپوءِ ريڊمي 9، گليڪسي اي 31، ريڊمي 9 اي ۽ گيلڪسي اي 01 ڪور ترتيب وار ستين، اٺين، نائين ۽ ڏهين نمبر تي آهن.

The post دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کپجندڙ سمارٽ فونز ڪهڙيون آهن؟ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages