ڪورونا جي خوف ڪترينا کي ”پي پي اي“ ڪٽ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 2, 2020

ڪورونا جي خوف ڪترينا کي ”پي پي اي“ ڪٽ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو


 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا صورتحال ۾ سفر ڪرڻ ماڻهن لاءِ ڏکيو بڻجي ويو آهي، جنهن دوران ماڻهو اڳ جيان آزادي سان سفر ڪرڻ بدران ايس او پيز جو خيال رکي رهيا آهن ۽ اهڙو ئي ڪجهه بالي ووڊ شخصيتن سان به ٿي رهيو آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا جي خراب صورتحال سبب اداڪار به ڀرپور سيفٽي سان سفر جي پلاننگ ڪري رهيا آهن ۽ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف به ائين ئي ڪيو آهي، جنهن کي تازو ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو، جتي هوءَ پي پي اي ڪٽ ۾ نظر آئي.

ڪترينا ڪيف پي پي اي ڪٽ سان پنهنجي تصوير مداحن سان پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ هوائي اڏي تي نظر اچي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

Safety first 😷 outfits not bad either 🙂

A post shared by Katrina Kaif (@katrinakaif) on

اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو ته ”سيڪيورٽي سڀني کان اڳ ۾، هونئن آئوٽ فٽ به خراب ناهي“.

The post ڪورونا جي خوف ڪترينا کي ”پي پي اي“ ڪٽ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages