زمبابوي خلاف آخري ون ڊي ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ نوان رانديگر شامل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 2, 2020

زمبابوي خلاف آخري ون ڊي ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ نوان رانديگر شامل


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) زمبابوي خلاف ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.

پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي آخري ميچ سڀاڻي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، قومي ٽيم کي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي.

ٽين ون ڊي ميچ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ظفر گوهر، عبدالله شفيق ۽ محمد حسنين کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عابد علي، عماد وسيم ۽ حارث رئوف کي آرام ڏنو ويندو.

هيڊ ڪوچ مصباالحق موجب سڀاڻي پچ جي صورتحال ڏسي فيصلو ڪيو ويندو ته ڪنهن کي موقعو ڏجي.

زمبابوي خلاف آخري ون ڊي ميچ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، امام الحق، عبدالله شفيق، فخر زمان، حيدر علي، محمد رضوان، افتخار احمد، خوشدل شاهه، فهيم اشرف، ظفر گوهر، عثمان قادر، وهاب رياض، شاهين آفريدي، محمد حسنين ۽ موسيٰ خان شامل آهن.

The post زمبابوي خلاف آخري ون ڊي ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ نوان رانديگر شامل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages