پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ به ڪورونا ڪيس سامهون اچي ويا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ به ڪورونا ڪيس سامهون اچي ويا


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا 7 ملازم به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي هدايت تي ملازمن جي ڪورونا ٽيسٽ جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت 9 نومبر تي ٿيندڙ ٽيسٽن جي رپورٽ ۾ پنجاب اسيمبلي جي 7 ملازمن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.

جن ملازمن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، انهن مان ٻن ملازمن جو واسطو سوالن جي برانچ، ٽن جو سيڪيورٽي اسٽاف، جڏهن ته ٻن ملازمن جو واسطو مختلف برانچن سان آهي.

ڪورونا وائرس جو شڪار ملازمن جي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ داخلا روڪي وئي آهي، جڏهن ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي.

The post پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ به ڪورونا ڪيس سامهون اچي ويا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages