دماغي صحت بهتر رکندڙ غذائون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

دماغي صحت بهتر رکندڙ غذائون


دماغ کي تيز ڪرڻو اٿوَ ته بادام ۽ اخروٽ کائو. اهو مشورو زندگي ۾ اوهان کي ڪنهن نه ڪنهن ضرورت ڏنو هوندو ۽ شايد اوهان ان تي عمل به ڪيو هجي ۽ ٻين کي به اهو ئي مشورو ڏنو هجي. حقيقت ۾ دماغ جسم جو اهو عضو آهي، جيڪو انسان جي پيدا ٿيندي ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به ڪجهه وقت تائين ڪم ڪندو رهندو آهي. جهڙي طرح خوراڪ اسان جي ڦڦڙن، گڙدن، معدي ۽ ٻين جسماني عضون کي صحتمند ۽ ڪم جي حالت ۾ رکندي آهي اوهڙيءَ طرح اسان جي دماغ کي به مخصوص غذائن جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي توانائي پهچائيندي آهي. دماغ کي بهتر حالت ۾ رکڻ لاءِ اهي غذائون ڪهڙيون آهن، اچو ته ان بابت ڄاڻيون ٿا.

اخروٽ

اوهان اخروٽ کي غور سان ڏسو ته اهو بلڪل دماغ جيان نظر ايندو آهي. ماهرن موجب اهو ان ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته قدرت ان کي دماغ کي طاقت پهچائڻ لاءِ بڻايو آهي. ان ۾ پولي آن سيچوريٽڊ ايسڊ (اوميگا 6 فيٽي ايسڊ) ۽ پوليس فينولڪ مرڪب هوندا آهن، جيڪي دماغ جي جيوگھرڙن  مان آڪسيڊنٽ ۽ انفليميٽري بار کي گھٽتائيندا آهن ۽ دماغي  فعل ۾ بهتري ايندي آهي. ان کي کائڻ سان ڊپريشن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ به واڌارو ٿيندو آهي.

بادام

بادامن ۾ ڀرپور مقدار ۾ وٽامن اي، فوليٽ ۽ اوميگا 6 فيٽي ايسڊ هجڻ جي ڪري اهو دماغ لاءِ سپر فوڊ جو درجو رکن ٿا. اهي يادداشت رکندڙ عضون  ۾ بهتري آڻين ٿا ۽ الزائيمر ۽ نسيان (وسارڻ جي بيماري) جي علاج ۾ مدد ڪندا آهن. بادام دماغ تي پوندڙ عمر جي اثرن کي به گھٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

مڱيرا

مڱيرن ۾ وڏي مقدار ۾ نيا سن (NIACIN) ۽ فوليٽ موجود هوندا آهن، جيڪي وٽامن اي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن، اهي جزا الزائمر جهڙي بيماري ۽ عمر وڌڻ سبب حواس جي ڪمزوري جي خلاف ڪم ڪندا آهن. 65 ورهين کان وڌيڪ عمر جي 4 هزار ماڻهن تي جڏهن تجربو ڪيو ويو ته عذا ۾ نياسن جي موجودگي سبب سان انهن جي حواس خمسه ۾ گھٽتائي ٿيڻ جي عمل ۾ دير ڏٺي وئي. مڱيرن ۾ پولي فينولڪ مرڪب دماغي جيوگھرڙن لاءِ بهترين هوندا آهن.

داليون

داليون اوهان جي دماغ لاءِ بهترين دوست آهن. ڪڻڪ، داليون، چانور ۽ دليه اهڙيون غذائون آهن جيڪي دماغ کي طاقت پهچائين ٿيون، انهن ۾ هر قسم جا فائديمند جز جهڙوڪ فائبر، وٽامن، بي ،  اي ۽ ٻيون فائديمند معدنيات هونديون آهن. ان ۾ موجود فائبر ۽ پيچيده ڪاربوهائڊريٽس اوهان جي جسم ۽ دماغ جي بند شريانين کي کولي ڇڏينديون آهن. شريانيون صاف ٿيڻ سان دماغ تائين پهچندڙ رت آڪسيجن سان ڀرپور هوندو آهي ۽ اوهان کي برين اسٽروڪ ۽ ڊيمينشيا کان محفوظ رهڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان ڪري مشهور ڏنو ويندو اهي ته اوهان پنهنجي روز مرهه جي خوراڪ ۾ دالين کي ضرور شامل ڪيو.

پنن واريون ڀاڄيون

جيڪڏهن اوهان ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پنن واريون ڀاڄيون استعمال ڪندا آهيو ته اوهان جي عمر وڌڻ جي حساب سان حواس خمسه جي ڪمزور ٿيڻ ۾ گھٽتائي ٿيندي آهي. پالڪ ۽ ٻيون پنن واريون ڀاڄيون فوليٽ، نائٽريٽ ۽ ٻين اهڙن جزن تي ٻڌل هونديون آهن جيڪي اوهان جي عضون کي ڪمزور ڪندڙ عمل کي سست ڪنديون آهن. ڀاڄين جو سڀ کان وڏو فائدو انهن ۾ موجود پوٽاشيم آهي، جيڪو اوهان جي اندر موجود سوڊيم يعني لوڻ جي زيادتي کي ختم ڪندو آهي.

انهن سان گڏوگڏ ڦڙيون، ميوا، مڇي به دماغ لاءِ بهترين خوراڪ آهن.

The post دماغي صحت بهتر رکندڙ غذائون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages