

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ پسند پرڻي جي خواهش ڪندڙ ناريءَ کي والدين پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب اهو واقعو باوري جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي ناري مبينا طور پنهنجي هڪ مائٽ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي، جيڪو اهو اڳ ئي شادي شده هو، جنهن جي ڪري ناريءَ جا والدين شادي جا مخالف هئا.
ڇوڪريءَ جي ضد تي والدين ان تي پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي ۽ متاثر ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاهور جي ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب متاثر ناري جي والدين کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
The post پسند پرڻي جي خواهش تي ناريءَ کي والدين باهه ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment