

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 650 ڄڻا وائرس جو شڪار ٿي ويا.
اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 650 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا ۽ 9 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 3 لک 44 هزار 839 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 6 هزار 977 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 18 هزار 981 ٿي ويو آهي.
The post ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment